حسين پاتي واري مسجد

حسين پاتي واري مسجد

حسين پاتي واري مسجد

حسين پاتي واري مسجد: هيءَ مسجد ڳوٺ حسين پاتي، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. اها مسجد مقامي ماڻهن تعمير ڪئي ۽ ڳوٺ جي جامع مسجد آهي. مسجد جي مهاڙيءَ آڏو پڪين سرن جي ننڍي ديوار جو احاطو ڏئي اڱڻ ٺاهيو ويو آهي. جنهن کي ٻن ٿنڀن جو لنگهه آهي. لنگهه ۾ ڪاٺ جي تاڪين سان جوڙيل دروازو لڳايو ويو آهي. اڱڻ ۾ پڻ پڪين سرن سان فرشبندي ڪيل آهي.
مسجد جي عمارت توڙي ديوار پڪين سرن ۽ گچ گاري سان تعمير ڪيل آهي. جن تي ڪنهن به قسم جو ليپو وغيره ڪيل ڪونهي. مهاڙيءَ ۾ پاسن کان نمائشي محرابي نموني جا کيسي جارا ڇڏيا ويا آهن. وچ واري طاقچي ۾ چوڪاٺ ۾ ڪاٺ جو دروازو لڳل آهي. ٻيڙ ٻني تي سرن جي ڪناري ٻڌي وچ واري طاقچي وٽان مٿڀرو تعمير ڪري تاج جو نمونو ٺاهيو ويو آهي. مسجد جي ڇت تي پڪين سرن سان تعمير ڪيل گول گنبذ آهي، جنهن تي ننڍي چوڪور دڪي ٺاهي نيل هنئي وئي هئي، هن وقت نيل ڪري پئي آهي. مسجد جي تعميراتي فن ۾ ڪاريگري جو اعليٰ نمونو ڏسڻ لاءِ ملي ٿو. سادي طرز تعمير هئڻ باوجود عمارتسازي ۾ هڪ قسم جي سوڀيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو